عشق ڪيم اظهار سچل سرمست

عشق ڪيم اظهار سچل سرمست

عشق ڪيم اظهار سچل سرمست

عشق ڪيم اظهار: سچل سرمست (ڪتاب): هي ڪتاب نامور محقق ۽ سچل شناس خادم حسين عباسيءَ جي تحقيقي ۽ علمي مقالن تي مشتمل آهي. عباسي صاحب پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو سچل سائينءَ جي درست ڪالم جي پرک ۽ ڳولا ۾ گذاريو. هن سچل سرمست جي اڪثر عرسن جي موقعي تي عالمن آڏو مختلف مؤلفن پاران ڪيل غلطين جي علمي اصولن مطابق نه صرف نشاندهي ڪئي، بلڪ درست اصلاح به ڪئي. هن ڪتاب ۾ سندس شامل تحقيقي مقالن ۽ مضمونن جا عنوان هن ريت آهن:
(1) درگاهه درازن جي گادي ڌڻين جو تعارف، (2) درگاهه درازن جي سلسلي جا شاعر، (3) سچل جا همعصر شاعر، (4) سچي سائينءَ جا ڇپيل رسالا، (5) سچل جو اڻ ڇپيل ڪلام، (6) گذارنامي جو هڪ آڳاٽو ترجمو، (7) سچل جي بيتن جو تحقيقي جائزو، (8) سچل جي ڏاهپ، (9) ڪو حق چوي ڪوئي ناحق چوي، (10) سٽ پريت دي، (11) سچل جي حضور ۾، (12) جاڳي ته سوئي بادشاهه، (13) عشق ڪيم اظهار، (14) سک نه سُتا ڪڏهين، (15) غلام حيدر فقير شر ۽ سندس خاندان، (16) محبت فقير سومرو، (17) ميران رحيم بخش فاروقي ’نثار درازي‘، (18) سچل جو طالب: ماستر احمد علي.
هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 212 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ، 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو